سومرو محمد ميان

سومرو محمد ميان

محمد ميان سومرو

محمد ميان سومرو: محمد ميان سومرو، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي مشهور سومرا خاندان سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. مشهور سياستدان احمد ميان سومرو سندس والد ۽ خانبهادر حاجي موليٰ بخش سومرو سندس ڏاڏو هو، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جو اڳوڻو اسپيڪر الاهي بخش سومرو سندس چاچو آهي. محمد ميان سومري، 19 آگسٽ 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مختلف قومي توڙي پرڏيهي بئنڪن ۾ اهم عهدن تي رهيو، جن ۾: بئنڪ آف آمريڪا، انٽرنيشنل بئنڪ آف يمن، فيصل اسلامڪ بئنڪ بحرين، مسلم ڪمرشل بئنڪ، زرعي ترقياتي بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان شامل آهن. هن پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مائڪروڪريڊٽ بئنڪنگ متعارف ڪرائي. 2000ع ڌاري جڏهن ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽي سنڌ جي گورنر طور استعيفا ڏني ته محمد ميان سومرو ان وقت نيشنل بئنڪ جو صدر هو ۽ ملڪ جي سربراهه جنرل پرويز مشرف کيس سنڌ جي اوڻٽيهين (29) گورنر طور مقرر ڪيو ته هن نئشنل بئنڪ جي صدارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي. جيتوڻيڪ ان وقت کيس عرب بئنڪ طرفان به وڏي عهدي جي آڇ ٿي هئي، پر هن سنڌ جي گورنري قبول ڪئي ۽ ان منصب تي رهي بهترين خدمتون سرانجام ڏنيون. هو جڏهن نئشنل بئنڪ جو صدر هو ته هڪ سياسي حلقي کيس بئنڪ مان 5000 ملازم فارغ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، پر هن اهو دٻاءُ قبول نه ڪيو ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو ته هُو ملازمن کي بي روزگار نه ڪندو. گورنر هئڻ دوران هن سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي ۽ ٻين صوبائي معاملن ۾ سنڌ جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. هن جي دور ۾ سنڌ ۾ مڪاني حڪومت وارو نظام لاڳو ٿيو. 26 ڊسمبر 2002ع تي گورنر جي منصب تان دستبردار ٿيڻ کانپوءِ هن باقاعدي سياست ۾ پير پاتو ۽ مسلم ليگ قائداعظم جي ٽڪيٽ تي 2003ع ۾ سينيٽر چونڊيو ويو، جنهن بعد يڪراءِ فيصلي سان کيس بنا مقابلي سينيٽ جو چيئرمئن منتخب ڪيو ويو. سينيٽ جي چيئرمئنيءَ دوران هو صدر جنرل پرويز مشرف جي غير ملڪي دورن وقت ڪيترا ڀيرا وقتي صدر طور ذميواريون نڀائيندو رهيو. 15 نومبر 2007ع تي کيس نگران وزيراعظم طور ذميواريون سونپيون ويون. فبروري 2008ع ۾ پيپلز پارٽي چونڊن ۾ اڪثريت سان کٽي آئي، جنهن کان پوءِ 25 مارچ 2008ع تي محمد ميان سومرو نگران وزيراعظم جي منصب تان دستبردار ٿيو ۽ سنس جاءِ تي جمهوري حڪومت جو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ٿيو.


لفظ محمد ميان سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.08.19  عيسوي

محمد ميان سومري 19 آگسٽ 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.


2007.11.15  عيسوي

محمد ميان سومري کي 15 نومبر 2007ع تي نگران وزيراعظم طور ذميواريون سونپيون ويون.


2008.03.25  عيسوي

فيبروري 2008ع ۾ پيپلز پارٽي چونڊن ۾ اڪثريت سان کٽي آئي، جنهن کان پوءِ 25 مارچ 2008ع تي محمد ميان سومرو نگران وزيراعظم جي منصب تان دستبردار ٿيو ۽ سنس جاءِ تي جمهوري حڪومت جو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏيارام گدو مل
پير جعفر علي شاهه
ابوالقاسم نمڪين
سرفراز ڪلهوڙو
ابوبڪر احمد حليم پروفيسر
عـبدالغـنـي شهـيـد
احمد حسن داني
ارشد محمود
ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘
سرتيز عمادالملڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون